1 عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنھنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي يقين رکو ۽ مون تي بہ يقين رکو.
2 منھنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آھن. آءٌ اوھان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو آھيان. جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ آءٌ اوھان کي نہ ٻڌايان ھا.
3 جڏھن آءٌ وڃي اوھان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوھان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آھيان اتي اوھين بہ ھجو.
4 جيڏانھن آءٌ وڃي رھيو آھيان، انھيءَ رستي جي اوھان کي خبر آھي.“
5 تنھن تي توما کيس چيو تہ ”اي خداوند! اسان کي خبر نہ آھي تہ تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين، سو اسان کي انھيءَ رستي جي خبر ڪيئن پوندي؟“
6 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.
7 جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ٿا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻيندا. اڄ کان وٺي اوھين کيس سڃاڻو ٿا ۽ کيس ڏٺو بہ اٿوَ.“