11 مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي. جيڪڏھن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ ھي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رھيو آھيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو.
12 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان آڻيندو سو بہ اھڙا ئي ڪم ڪندو جھڙا آءٌ ڪري رھيو آھيان، بلڪ انھن کان بہ وڏا ڪم ڪندو، ڇالاءِجو آءٌ وڃي پيءُ وٽ ئي رھندس.
13 اوھين منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڪندس تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاھر ٿئي.
14 اوھين منھنجي نالي تي جيڪي بہ مون کان گھرندا سو آءٌ ڪندس.“
15 ”جيڪڏھن اوھين سچپچ مون سان پيار ڪريو ٿا، تہ اوھين منھنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.
16 آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس ۽ ھو اوھان کي ھڪ ٻيو مددگار ڏيندو جيڪو ھميشہ اوھان سان رھندو،
17 يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻتہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻتہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو.