يوحنا 14:8-14 SCLNT

8 تنھن تي فلپس چيس تہ ”اي خداوند! اسان کي پيءُ ڏيکار. بس اھو ئي اسان کي گھرجي.“

9 عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! ھيترو وقت آءٌ اوھان سان ھوس تہ بہ اوھين مون کي نہ ٿا سڃاڻو؟ جنھن بہ مون کي ڏٺو آھي تنھن پيءُ کي ڏٺو آھي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکار‘؟

10 ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.

11 مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي. جيڪڏھن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ ھي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رھيو آھيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو.

12 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان آڻيندو سو بہ اھڙا ئي ڪم ڪندو جھڙا آءٌ ڪري رھيو آھيان، بلڪ انھن کان بہ وڏا ڪم ڪندو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ وڃي پيءُ وٽ ئي رھندس.

13 اوھين منھنجي نالي تي جيڪي ⁠بہ گھرندا سو آءٌ ڪندس تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاھر ٿئي.

14 اوھين منھنجي نالي تي جيڪي⁠ بہ مون کان گھرندا سو آءٌ ڪندس.“