يوحنا 15:16-22 SCLNT

16 اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.

17 آءٌ اوھان کي اھو حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو.“

18 ”جيڪڏھن دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي تہ اوھان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انھيءَ پھريائين مون کان بہ نفرت ڪئي ھئي.

19 جيڪڏھن اوھين دنيا جا ھجو ھا تہ جيڪر دنيا اوھان سان پنھنجن جھڙو پيار ڪري ھا. پر جيئن تہ اوھين دنيا جا نہ آھيو مگر مون اوھان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آھي، تنھنڪري دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي.

20 مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا.

21 پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي.

22 جيڪڏھن آءٌ نہ اچان ھا ۽ کين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايان ھا تہ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي کين پنھنجن ڏوھن لاءِ ڪوبہ بھانو نہ آھي.