يوحنا 15:20-26 SCLNT

20 مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا.

21 پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي.

22 جيڪڏھن آءٌ نہ اچان ھا ۽ کين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايان ھا تہ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي کين پنھنجن ڏوھن لاءِ ڪوبہ بھانو نہ آھي.

23 جيڪو مون کان نفرت ڪري ٿو، سو منھنجي پيءُ کان بہ نفرت ڪري ٿو.

24 جيڪي ڪم ٻئي ڪنھن بہ نہ ڪيا آھن، سي جيڪڏھن آءٌ انھن ۾ نہ ڪريان ھا تہ پوءِ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي تہ انھن منھنجا ڪم ڏٺا آھن، تنھن ھوندي بہ مون کان ۽ منھنجي پيءُ کان نفرت ڪئي اٿن.

25 پر اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن شريعت ۾ لکيل آھي سو پورو ٿئي تہ ’انھن مون کان ناحق نفرت ڪئي آھي.‘

26 پر اھو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوھان ڏانھن موڪليندس، يعني سچ جو پاڪ روح، جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو سو مون بابت شاھدي ڏيندو.