1 اھي سڀ ڳالھيون مون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن اوھين گمراھہ نہ ٿيو.
2 ماڻھو اوھان کي عبادتخانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘
3 اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِجو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي.
4 پر مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جڏھن اھا گھڙي اچي تہ اوھين ياد ڪريو تہ مون انھن بابت اڳي ئي اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو ھو.“”مون شروعات ۾ اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ اوھان سان گڏ ھوس.