يوحنا 16:16-22 SCLNT

16 ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا.“

17 تڏھن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي جو ھو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا‘؟ ھو ھيئن بہ چوي ٿو تہ ’اھو انھيءَ ڪري جو آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان.‘

18 انھيءَ ٿوريءَ دير جو مطلب ڇا آھي؟ اسان کي تہ انھن ڳالھين جي خبر نہ ٿي پوي.“

19 عيسيٰ ڄاتو پئي تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا، سو کين چيائين تہ ”ڇا اوھين ھڪٻئي کان اھو پڇي رھيا آھيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا؟‘

20 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين روئندا ۽ پٽيندا پر دنيا خوش ٿيندي. اوھان کي ڏک ٿيندو پر اوھان جو ڏک خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو.

21 جڏھن عورت ٻار ڄڻڻ تي ھوندي آھي تڏھن ھوءَ سورن ۾ ھوندي آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا ھن جي لاءِ سورن جي گھڙي آھي. پر جڏھن ٻار ڄڻيندي آھي تڏھن کانئس سڀ سور وسري ويندا آھن، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ خوش ٿيندي آھي تہ ھن ھڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آھي.

22 اوھان سان بہ ائين ئي ٿيندو. ھاڻي اوھان جي سورن جو وقت آھي. پر آءٌ اوھان سان وري ضرور ملندس. تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوھان جي اھا خوشي اوھان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.