2 ماڻھو اوھان کي عبادتخانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘
3 اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِجو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي.
4 پر مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جڏھن اھا گھڙي اچي تہ اوھين ياد ڪريو تہ مون انھن بابت اڳي ئي اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو ھو.“”مون شروعات ۾ اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ اوھان سان گڏ ھوس.
5 مگر ھاڻي آءٌ انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھيان جنھن مون کي موڪليو آھي. پر اڃا تائين اوھان مان ڪنھن بہ مون کان اھو نہ پڇيو آھي تہ ’تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟‘
6 منھنجي ھنن ڳالھين ٻڌائڻ جي ڪري اوھين ڏک سان ڀرجي ويا آھيو.
7 پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان لاءِ اھو وڌيڪ چڱو آھي تہ آءٌ ھليو وڃان، ڇاڪاڻتہ جيڪڏھن آءٌ نہ ويندس تہ اھو مددگار اوھان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏھن آءٌ ويندس تہ پوءِ ھن کي اوھان ڏانھن ضرور موڪليندس.
8 جڏھن ھو ايندو تڏھن سڄيءَ دنيا کي گناھہ، سچائيءَ ۽ انصاف جي نسبت ڏوھاري ٺھرائيندو: