يوحنا 16:24-30 SCLNT

24 ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“

25 ”ھن وقت تائين مون اوھان کي اھي ڳالھيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آھي، پر اھو وقت ايندو جڏھن آءٌ اوھان سان مثالن ۾ نہ ڳالھائيندس، پر اوھان سان پيءُ بابت صاف صاف ڳالھائيندس.

26 انھيءَ ڏينھن اوھين منھنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوھان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوھان لاءِ پيءُ کي ڪو سوال ڪندس،

27 ڇالاءِ⁠جو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان.

28 آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“

29 تنھن تي شاگردن کيس چيو تہ ”ھاڻي تہ اوھين صاف صاف ڳالھائي رھيا آھيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالھايو.

30 ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“