يوحنا 16:26-32 SCLNT

26 انھيءَ ڏينھن اوھين منھنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوھان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوھان لاءِ پيءُ کي ڪو سوال ڪندس،

27 ڇالاءِ⁠جو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان.

28 آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“

29 تنھن تي شاگردن کيس چيو تہ ”ھاڻي تہ اوھين صاف صاف ڳالھائي رھيا آھيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالھايو.

30 ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“

31 تنھن تي عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوھين ھاڻي ايمان آڻيو ٿا؟

32 تہ پوءِ ڏسو، اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ اچي پھتي آھي جڏھن اوھين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا ۽ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ھليو ويندو ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون سان گڏ آھي.