30 ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“
31 تنھن تي عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوھين ھاڻي ايمان آڻيو ٿا؟
32 تہ پوءِ ڏسو، اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ اچي پھتي آھي جڏھن اوھين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا ۽ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ھليو ويندو ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آھيان، ڇاڪاڻتہ پيءُ مون سان گڏ آھي.
33 مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“