يوحنا 17:11-17 SCLNT

11 ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.

12 جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي.

13 ھاڻي آءٌ تو وٽ اچي رھيو آھيان. پر جيستائين آءٌ دنيا ۾ آھيان تيستائين اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن انھن جي دلين ۾ منھنجي خوشي پوري ٿئي.

14 مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان.

15 منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.

16 جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان تيئن اھي بہ دنيا جا نہ آھن.

17 انھن کي سچ جي وسيلي مخصوص ڪر. تنھنجو ڪلام سچ آھي.