يوحنا 17:18-24 SCLNT

18 جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آھي، تيئن مون بہ انھن کي دنيا ۾ موڪليو آھي.

19 انھن جي خاطر آءٌ پاڻ کي مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اھي سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.

20 آءٌ رڳو انھن لاءِ دعا نہ ٿو گھران، پر انھن لاءِ بہ دعا گھران ٿو جيڪي سندن تعليم جي وسيلي مون تي ايمان آڻيندا،

21 انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي.

22 اھو جلوو جو تو مون کي ڏنو آھي سو مون کين ڏنو آھي، تہ جيئن اھي گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ ھڪ آھيون.

23 يعني آءٌ انھن ۾ آھيان ۽ تون مون ۾، تہ جيئن اھي پوريءَ طرح پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن. اھڙيءَ طرح دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آھي ۽ تون انھن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آھي.

24 اي بابا! منھنجي مرضي آھي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن سي جتي آءٌ آھيان اتي مون سان گڏ ھجن، تہ جيئن اھي اھو جلوو ڏسن جو تو مون کي ڏنو آھي، ڇالاءِ⁠جو تو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ بہ مون سان پيار ڪيو.