5 اي بابا! ھاڻي پنھنجي حضور ۾ مون کي اھو جلوو بخش، جيڪو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ ھو.
6 دنيا مان جيڪي ماڻھو تو مون کي ڏنا ھئا، تن تي مون تو کي ظاھر ڪيو آھي. اھي تنھنجا ھئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا آھن. انھن تنھنجي ڪلام تي عمل ڪيو آھي.
7 ھاڻي انھن اھو ڄاڻي ورتو آھي تہ جيڪي ڪجھہ تو مون کي ڏنو آھي سو سڀ تو وٽان ئي آھي.
8 ڇالاءِجو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.
9 آءٌ انھن لاءِ دعا گھران ٿو. دنيا لاءِ آءٌ دعا نہ ٿو گھران پر انھن ماڻھن لاءِ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن، ڇاڪاڻتہ اھي تنھنجا آھن.
10 جيڪي ڪجھہ مون وٽ آھي سو تنھنجو آھي ۽ جيڪي ڪجھہ تو وٽ آھي سو منھنجو آھي ۽ انھن جي وسيلي منھنجو جلوو ظاھر ٿيو آھي.
11 ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.