1 جڏھن عيسيٰ اھا دعا گھري چڪو، تڏھن پنھنجي شاگردن سان گڏ قدرون جي برساتي نھر مان لنگھي ھُن ڀر ويو. اتي ھڪڙو باغ ھو جنھن ۾ ھو پنھنجي شاگردن سميت داخل ٿيو.
2 يھوداہ دغاباز کي انھيءَ ھنڌ جي خبر ھئي، ڇالاءِجو عيسيٰ ڪيترائي دفعا پنھنجي شاگردن سان گڏ اوڏانھن ويو ھو.
3 سو يھوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاھين جي پلٽڻ ۽ ڪجھہ ھيڪل جا پھريدار جيڪي سردار ڪاھنن ۽ فريسين موڪليا ھئا، سي وٺي انھيءَ باغ ۾ آيو. انھن وٽ ھٿيار ھئا ۽ کين ھٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان ھئا.
4 عيسيٰ کي سڀ خبر ھئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آھي، سو ھو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوھين ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“
5 انھن وراڻيس تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ تنھن تي ھن چين تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان.“ يھوداہ دغاباز انھن سان گڏ بيٺو ھو.
6 جڏھن عيسيٰ چيو تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان،“ تڏھن اھي پوئتي ھٽي زمين تي ڪري پيا.
7 عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“ انھن چيو تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“