يوحنا 18:17-23 SCLNT

17 تڏھن دربان ڇوڪريءَ پطرس کي چيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“

18 انھيءَ مھل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پھريدارن ڪوئلن جي باھہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انھن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.

19 پوءِ وڏو سردار ڪاھن عيسيٰ کان سندس شاگردن ۽ تعليم بابت پڇڻ لڳو.

20 عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان ھميشہ کليو کلايو ڳالھايو آھي. مون عبادت⁠خانن ۽ ھيڪل ۾ تعليم ڏني آھي، جتي سڀ يھودي اچي گڏ ٿيندا آھن. مون ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ چئي آھي،

21 تہ پوءِ اوھين مون کان ڇو پڇي رھيا آھيو؟ انھن ماڻھن کان پڇو جن منھنجون ڳالھيون ٻڌيون آھن. انھن کي خبر آھي تہ مون ڇا چيو آھي.“

22 جڏھن عيسيٰ ھي چيو تہ ڀرسان بيٺل پھريدارن مان ھڪڙي سندس منھن تي چماٽ ھڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاھن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“

23 تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏھن مون ڪا غلط ڳالھہ ڪئي ھجي تہ اھا ھت سڀني کي ٻڌاءِ. پر جيڪڏھن مون سچ چيو آھي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“