يوحنا 18:22-28 SCLNT

22 جڏھن عيسيٰ ھي چيو تہ ڀرسان بيٺل پھريدارن مان ھڪڙي سندس منھن تي چماٽ ھڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاھن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“

23 تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏھن مون ڪا غلط ڳالھہ ڪئي ھجي تہ اھا ھت سڀني کي ٻڌاءِ. پر جيڪڏھن مون سچ چيو آھي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“

24 پوءِ حنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاھن قائفا ڏانھن ڏياري موڪليو.

25 شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ پر پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“

26 تنھن تي وڏي سردار ڪاھن جي ھڪڙي نوڪر جنھن جي مائٽ جو ڪن پطرس ڪپيو ھو، تنھن چيو تہ ”مون تو کي ھُن ماڻھوءَ سان گڏ باغ ۾ ڪين ڏٺو ھو؟“

27 پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ انھيءَ دم ھڪڙي ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

28 ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.