يوحنا 18:32-38 SCLNT

32 اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جھڙي نموني پنھنجي موت بابت ٻڌايو ھو سو پورو ٿئي.

33 پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ عيسيٰ کي گھرايائين. ھُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“

34 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھي سوال اوھين پاڻ ٿا ڪريو يا ڪنھن ٻئي مون بابت اوھان کي ٻڌايو آھي؟“

35 پلاطس وراڻيو تہ ”ڇا تون مون کي يھودي ٿو سمجھين؟ تنھنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاھنن تو کي منھنجي حوالي ڪيو آھي. تو ڪيو ڇا آھي؟“

36 عيسيٰ وراڻيو تہ ”منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي. جيڪڏھن اھا ھن دنيا جي ھجي ھا تہ جيڪر منھنجا نوڪر وڙھن ھا، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ يھودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي.“

37 تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“

38 تنھن تي پلاطس پڇيس تہ ”سچ ڇا آھي؟“پوءِ پلاطس ٻاھر نڪري يھودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.