36 عيسيٰ وراڻيو تہ ”منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي. جيڪڏھن اھا ھن دنيا جي ھجي ھا تہ جيڪر منھنجا نوڪر وڙھن ھا، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ يھودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي.“
37 تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“
38 تنھن تي پلاطس پڇيس تہ ”سچ ڇا آھي؟“پوءِ پلاطس ٻاھر نڪري يھودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.
39 ھاڻ جيئن تہ اوھان جي رسم موجب ھر سال عيد فصح جي موقعي تي آءٌ اوھان جي خاطر ھڪڙو قيدي آزاد ڪندو آھيان، سو جيڪڏھن اوھان جي مرضي ٿئي تہ آءٌ اوھان جي خاطر ھن يھودين جي بادشاھہ کي آزاد ڪريان؟“
40 پر انھن وڏي واڪي چيو تہ ”نہ، انھيءَ کي نہ، پر برابا کي آزاد ڪريو.“ برابا ھڪ ڌاڙيل ھو.