يوحنا 19:20-26 SCLNT

20 ڪيترن ئي يھودين اھو سرنامو پڙھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ھئائون سا جاءِ شھر جي ويجھو ھئي. اھي حرف عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ لکيل ھئا.

21 يھودين جي سردار ڪاھنن پلاطس وٽ اعتراض ڪيو تہ ”ائين نہ لکايو تہ ’يھودين جو بادشاھہ،‘ پر ھيئن لکايو تہ ’ھن ماڻھوءَ يھودين جي بادشاھہ ھجڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي.‘“

22 تنھن تي پلاطس وراڻين تہ ”جيڪو مون لکايو سو لکايو.“

23 پوءِ سپاھي جڏھن عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، ھر ڪنھن لاءِ ھڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻ⁠سبيل ھو ۽ مٿي کان وٺي ھيٺ تائين سڄو ئي ھڪڙي ڪپڙي جو ٺھيل ھو.

24 تنھنڪري سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکا ٿا وجھون تہ اھو ڪنھن جو ٿو ٿئي.‘ اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ”انھن منھنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائي کنيا۽ منھنجي جبي لاءِ پُکا وڌائون.“ تنھنڪري سپاھين ائين ڪيو.

25 عيسيٰ جي صليب جي ڀرسان سندس ماءُ ۽ ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون ھيون.

26 جڏھن عيسيٰ پنھنجي ماءُ ۽ انھيءَ شاگرد کي جنھن سان سندس پيار ھو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ ھن پنھنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! ھي تنھنجو پٽ آھي.“