24 تنھنڪري سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکا ٿا وجھون تہ اھو ڪنھن جو ٿو ٿئي.‘ اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ”انھن منھنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائي کنيا۽ منھنجي جبي لاءِ پُکا وڌائون.“ تنھنڪري سپاھين ائين ڪيو.
25 عيسيٰ جي صليب جي ڀرسان سندس ماءُ ۽ ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون ھيون.
26 جڏھن عيسيٰ پنھنجي ماءُ ۽ انھيءَ شاگرد کي جنھن سان سندس پيار ھو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ ھن پنھنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! ھي تنھنجو پٽ آھي.“
27 وري انھيءَ شاگرد کي چيائين تہ ”ھيءَ تنھنجي ماءُ آھي.“ انھيءَ ئي ڏينھن اھو شاگرد کيس پنھنجي گھر رھائڻ لاءِ وٺي ويو.
28 پوءِ جڏھن عيسيٰ ڄاتو تہ ھاڻي ھر ڳالھہ پوري ٿي چڪي آھي، تڏھن پاڪ لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آھي.“
29 اتي ھڪڙو ٿانءُ ڪؤڙي مئي سان ڀريل رکيو ھو. تنھن مان انھن سپاھين فوم جھڙي ھڪ شيءِ ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي کيس چوسڻ لاءِ ڏني.
30 عيسيٰ ڪؤڙي مئي وٺي چيو تہ ”ھاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ سندس ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ دم ڏنائين.