29 اتي ھڪڙو ٿانءُ ڪؤڙي مئي سان ڀريل رکيو ھو. تنھن مان انھن سپاھين فوم جھڙي ھڪ شيءِ ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي کيس چوسڻ لاءِ ڏني.
30 عيسيٰ ڪؤڙي مئي وٺي چيو تہ ”ھاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ سندس ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ دم ڏنائين.
31 اھو تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ ايندڙ ڏينھن يھودين لاءِ خاص سبت جو ڏينھن ھو. تنھنڪري انھن نہ ٿي چاھيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رھن. سو انھن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ”صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن ۽ لاشا صليبن تان لاٿا وڃن.“
32 تنھن تي سپاھي آيا ۽ جيڪي عيسيٰ سان گڏ صليبن تي ٽنگيل ھئا تن مان پھريائين ھڪڙي جون ٽنگون ڀڳائون ۽ پوءِ ٻئي جون.
33 پر جڏھن عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ ھن اڳ ۾ ئي دم ڏنو آھي، تڏھن سندس ٽنگون نہ ڀڳائون.
34 مگر سپاھين مان ھڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو ھنيو تہ ھڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.
35 جنھن ماڻھوءَ اھو ڏٺو تنھن شاھدي ڏني آھي ۽ سندس شاھدي سچي آھي. ھن کي خبر آھي تہ ھو سچ ٿو چوي ۽ اھا شاھدي انھيءَ لاءِ ڏئي ٿو تہ جيئن اوھين بہ ايمان آڻيو.