38 تنھن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يھودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد ھو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پلاطس کيس موڪل ڏني. پوءِ ھو اتي آيو ۽ لاش کڻي ھليو ويو.
39 نيڪديمس بہ ساڻس اچي گڏيو. ھي اھو ماڻھو ھو جنھن اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي ھئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنھن جي تور اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھئي.
40 پوءِ جيئن يھودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آھي تيئن انھن بہ عيسيٰ جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙھيو.
41 جتي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو، اتي ھڪڙو باغ ھو. انھيءَ باغ ۾ غار واري ھڪڙي نئين قبر کوٽيل ھئي جنھن ۾ اڃا تائين ڪنھن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو ھو.
42 جيئن تہ انھيءَ ڏينھن يھودين جي تياريءَ جو ڏينھن ھو تنھنڪري عيسيٰ کي کڻي اتي ئي دفن ڪيائون، ڇالاءِجو اھا قبر ويجھي ھئي.