5 پوءِ عيسيٰ انھيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاھر آيو ۽ پلاطس کين چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اھو ماڻھو.“
6 جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“
7 تنھن تي انھن ماڻھن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آھي ۽ ان موجب ھو موت جي لائق آھي، ڇالاءِجو ھن خدا جو فرزند ھجڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.“
8 جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تہ ھيڪاري اچي ڊپ ورتس.
9 تڏھن ھو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آھين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
10 تنھن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالھائڻ چاھين؟ ياد رک، مون کي اھا اختياري مليل آھي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙھايان.“
11 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي طرفان اھو اختيار مليل نہ ھجي ھا تہ تنھنجو ڪو زور مون تي نہ ھلي ھا. سو جنھن ماڻھوءَ مون کي تنھنجي حوالي ڪيو آھي سو وڏو ڏوھدار آھي.“