8 جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تہ ھيڪاري اچي ڊپ ورتس.
9 تڏھن ھو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آھين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
10 تنھن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالھائڻ چاھين؟ ياد رک، مون کي اھا اختياري مليل آھي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙھايان.“
11 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي طرفان اھو اختيار مليل نہ ھجي ھا تہ تنھنجو ڪو زور مون تي نہ ھلي ھا. سو جنھن ماڻھوءَ مون کي تنھنجي حوالي ڪيو آھي سو وڏو ڏوھدار آھي.“
12 انھيءَ کان پوءِ پلاطس جي اھا ڪوشش ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اھي ماڻھو واڪا ڪندا رھيا تہ ”جيڪڏھن اوھان ھن ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوھين قيصر جا سڄڻ نہ آھيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاھہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آھي.“
13 جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تڏھن ھو عيسيٰ کي ٻاھر وٺي آيو ۽ جنھن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلھو“ چوندا آھن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آھن، تنھن جاءِ تي رکيل عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.
14 اھو عيد فصح جي تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ منجھند جو وقت ھو. پلاطس انھن ماڻھن کي چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اوھان جو بادشاھہ.“