10 ۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻھو پھريائين سٺي مئي پيش ڪندو آھي ۽ جڏھن ماڻھو پي ڍءُ ڪندا آھن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آھي. پر تو وري سٺي مئي ھن مھل تائين بچائي رکي ھئي.“
11 ھيءُ عيسيٰ جو پھريون معجزو ھو، جيڪو ھن گليل جي شھر قانا ۾ ڏيکاري پنھنجو جلوو ظاھر ڪيو ۽ سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.
12 تنھن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڪجھہ ڏينھن رھيا.
13 يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو.
14 اتي ھن وڃي ڏٺو تہ ماڻھو ھيڪل ۾ ڍڳا، رڍون ۽ ڪبوتر وڪڻي رھيا آھن ۽ صراف بہ پنھنجا صندل رکيو ويٺا آھن.
15 تنھن تي ھن نوڙين جو چھبڪ ٺاھي انھن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت ھيڪل مان ھڪالي ڪڍي ڇڏيو ۽ صرافن جا پيسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين.
16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“