13 يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو.
14 اتي ھن وڃي ڏٺو تہ ماڻھو ھيڪل ۾ ڍڳا، رڍون ۽ ڪبوتر وڪڻي رھيا آھن ۽ صراف بہ پنھنجا صندل رکيو ويٺا آھن.
15 تنھن تي ھن نوڙين جو چھبڪ ٺاھي انھن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت ھيڪل مان ھڪالي ڪڍي ڇڏيو ۽ صرافن جا پيسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين.
16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“
17 تڏھن سندس شاگردن کي اھو لکيو ياد آيو تہ ”اي خدا! تنھنجي گھر لاءِ منھنجي غيرت مون کي جلائيندي.“
18 پوءِ يھودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪھڙو حق آھي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ جيڪڏھن ڪو حق اٿيئي تہ اسان کي معجزو ڏيکار.“
19 عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ھن ھيڪل کي ڊاھيو تہ آءٌ اھو ٽن ڏينھن ۾ وري ٺاھيندس.“