15 تنھن تي ھن نوڙين جو چھبڪ ٺاھي انھن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت ھيڪل مان ھڪالي ڪڍي ڇڏيو ۽ صرافن جا پيسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين.
16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“
17 تڏھن سندس شاگردن کي اھو لکيو ياد آيو تہ ”اي خدا! تنھنجي گھر لاءِ منھنجي غيرت مون کي جلائيندي.“
18 پوءِ يھودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪھڙو حق آھي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ جيڪڏھن ڪو حق اٿيئي تہ اسان کي معجزو ڏيکار.“
19 عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ھن ھيڪل کي ڊاھيو تہ آءٌ اھو ٽن ڏينھن ۾ وري ٺاھيندس.“
20 تنھن تي انھن اڳواڻن چيس تہ ”ھن ھيڪل کي ٺھڻ ۾ ڇائيتاليھہ ورھيہ لڳا آھن. تون وري اھو ٽن ڏينھن ۾ ڪيئن ٺاھيندين؟“
21 پر عيسيٰ تہ پنھنجي بدن جي ھيڪل بابت ڳالھہ ٿي ڪئي.