2 عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي.
3 جڏھن مئي ختم ٿي ويئي تہ عيسيٰ جي ماءُ کيس چيو تہ ”ھنن وٽ مئي آھي ئي ڪانہ.“
4 تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تون مون کي ڇو ٿي چوين، منھنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آھي.“
5 تنھن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن ھو چوي تيئن ڪريو.“
6 اتي يھودين جي پاڪائيءَ جي رسم موجب پٿر جا ڇھہ مٽ رکيل ھئا. ھر ھڪ مٽ ۾ اٽڪل ھڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.
7 عيسيٰ نوڪرن کي چيو تہ ”ھي مٽ پاڻيءَ سان ڀريو.“ سو ھنن اھي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا.
8 پوءِ ھن کين چيو تہ ”ھاڻي انھن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي منتظم اعليٰ وٽ کڻي وڃو.“ سو ھو اھو کڻي ويا.