3 جڏھن مئي ختم ٿي ويئي تہ عيسيٰ جي ماءُ کيس چيو تہ ”ھنن وٽ مئي آھي ئي ڪانہ.“
4 تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تون مون کي ڇو ٿي چوين، منھنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آھي.“
5 تنھن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن ھو چوي تيئن ڪريو.“
6 اتي يھودين جي پاڪائيءَ جي رسم موجب پٿر جا ڇھہ مٽ رکيل ھئا. ھر ھڪ مٽ ۾ اٽڪل ھڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.
7 عيسيٰ نوڪرن کي چيو تہ ”ھي مٽ پاڻيءَ سان ڀريو.“ سو ھنن اھي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا.
8 پوءِ ھن کين چيو تہ ”ھاڻي انھن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي منتظم اعليٰ وٽ کڻي وڃو.“ سو ھو اھو کڻي ويا.
9 منتظم اعليٰ اھو پاڻي چکيو، جيڪو ھاڻي مئي ٿي پيو ھو. کيس خبر ڪانہ ھئي تہ ھيءَ مئي ڪٿان آئي آھي، پر نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو ھو تن کي خبر ھئي. سو ھن گھوٽ کي گھرايو