يوحنا 20:25-31 SCLNT

25 اھو جڏھن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آھي.“ تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس ھٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنھنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ ھٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“

26 ھفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا ھئا. ھن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو ھو ۽ گھر جا در دروازا بند ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“

27 پوءِ ھن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنھنجي آڱر ھيڏانھن ڪري منھنجا ھٿ ڏس ۽ پنھنجو ھٿ ھيڏانھن منھنجي پاسي ۾ وجھہ. بي⁠ايمان نہ ٿيءُ پر ايمان آڻ.“

28 تنھن تي توما چيس تہ ”اي منھنجا خداوند! اي منھنجا خدا!“

29 عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آھي، تنھنڪري ايمان آندو اٿيئي. پر سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“

30 شاگردن جي روبرو عيسيٰ ٻيا بہ ڪيترائي معجزا ڪيا، جيڪي ھن ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن.

31 پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.