1 ھن کان پوءِ عيسيٰ وري پنھنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اھو ھن طرح ٿيو تہ
2 شمعون پطرس، توما جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، گليل جي قانا شھر وارو نٿنايل، زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، ۽ ٻہ ٻيا بہ شاگرد پاڻ ۾ گڏ ويٺا ھئا.
3 تڏھن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنھن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا ھلون.“ پوءِ اھي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا، پر انھيءَ رات ڪابہ مڇي ھٿ نہ لڳن.
4 جڏھن ڏينھن ٿيڻ تي ھو تہ عيسيٰ اچي ڪناري تي بيٺو، پر شاگردن نہ سڃاتو تہ ھو ڪو عيسيٰ آھي.
5 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي جوانو! ڇا اوھان کي ڪجھہ مليو؟“ ھنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“