يوحنا 21:3-9 SCLNT

3 تڏھن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنھن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا ھلون.“ پوءِ اھي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا، پر انھيءَ رات ڪابہ مڇي ھٿ نہ لڳن.

4 جڏھن ڏينھن ٿيڻ تي ھو تہ عيسيٰ اچي ڪناري تي بيٺو، پر شاگردن نہ سڃاتو تہ ھو ڪو عيسيٰ آھي.

5 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي جوانو! ڇا اوھان کي ڪجھہ مليو؟“ ھنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“

6 ھن انھن کي چيو تہ ”پنھنجو ڄار ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي وجھو تہ اوھان کي ڪجھہ ملندو.“ تنھن تي انھن ڄار پاڻيءَ ۾ وڌو ۽ ايتريون تہ مڇيون اچي ڦاٿيون جو اھي ڇڪي بہ نہ پيا سگھن.

7 پوءِ انھيءَ شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، تنھن پطرس کي چيو تہ ”اڙي، خداوند اٿيئي.“ جڏھن شمعون پطرس ٻڌو تہ ”اھو خداوند آھي.“ تڏھن جيئن تہ ھو پٺيءَ اگھاڙو ھو، سو قميص چيلھہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ ھڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.

8 پر ٻيا شاگرد ٻيڙيءَ ۾ ئي مڇين سان ڀريل ڄار ڇڪيندا آيا، ڇالاءِ⁠جو اھي سڪيءَ کان ايترو پري ڪين ھئا، رڳو ھڪ ⁠سؤ ميٽرن جو ويڇو ھو.

9 جڏھن اھي سڪيءَ تي پھتا تہ انھن ڪوئلن جي باھہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکي ھئي.