8 پر ٻيا شاگرد ٻيڙيءَ ۾ ئي مڇين سان ڀريل ڄار ڇڪيندا آيا، ڇالاءِجو اھي سڪيءَ کان ايترو پري ڪين ھئا، رڳو ھڪ سؤ ميٽرن جو ويڇو ھو.
9 جڏھن اھي سڪيءَ تي پھتا تہ انھن ڪوئلن جي باھہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکي ھئي.
10 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“
11 تنھن تي شمعون پطرس ٻيڙيءَ تي چڙھي ويو ۽ اھو ڄار سڪيءَ تي گھلي آيو، جيڪو وڏين مڇين سان ڀريل ھو. ڄار ۾ ڪل ھڪ سؤ ٽيونجاھہ مڇيون ھيون. جيتوڻيڪ ايتريون مڇيون ھيون تہ بہ ڄار نہ ٿي ٽٽو.
12 پوءِ عيسيٰ کين چيو تہ ”اچي نيرن ڪريو.“ پر شاگردن مان ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿي جو کڻي پڇيس تہ ”تون ڪير آھين؟“ ڇاڪاڻتہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو خداوند آھي.
13 پوءِ عيسيٰ آيو ۽ ماني کڻي انھن کي ڏنائين ۽ کين مڇي بہ ڏنائين.
14 اھو ٽيون دفعو ھو جو عيسيٰ پنھنجي جيئري ٿي اٿڻ کان پوءِ شاگردن کي ڏيکاري ڏني ھئي.