يوحنا 21:9-15 SCLNT

9 جڏھن اھي سڪيءَ تي پھتا تہ انھن ڪوئلن جي باھہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکي ھئي.

10 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“

11 تنھن تي شمعون پطرس ٻيڙيءَ تي چڙھي ويو ۽ اھو ڄار سڪيءَ تي گھلي آيو، جيڪو وڏين مڇين سان ڀريل ھو. ڄار ۾ ڪل ھڪ ⁠سؤ ٽيونجاھہ مڇيون ھيون. جيتوڻيڪ ايتريون مڇيون ھيون تہ بہ ڄار نہ ٿي ٽٽو.

12 پوءِ عيسيٰ کين چيو تہ ”اچي نيرن ڪريو.“ پر شاگردن مان ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿي جو کڻي پڇيس تہ ”تون ڪير آھين؟“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو خداوند آھي.

13 پوءِ عيسيٰ آيو ۽ ماني کڻي انھن کي ڏنائين ۽ کين مڇي بہ ڏنائين.

14 اھو ٽيون دفعو ھو جو عيسيٰ پنھنجي جيئري ٿي اٿڻ کان پوءِ شاگردن کي ڏيکاري ڏني ھئي.

15 نيرن ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ شمعون پطرس کي چيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان ھنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! تو کي خبر آھي تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي گھيٽن کي وڃي چار.“