يوحنا 3:1-7 SCLNT

1 اتي نيڪديمس نالي ھڪڙو فريسي ھو، جيڪو يھودين جو حاڪم ھو.

2 ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“

3 تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“

4 نيڪديمس پڇيس تہ ”ھڪ پوڙھو ماڻھو وري ٻيھر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ ڇا ائين ٿي سگھي ٿو جو ھو ٻيھر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي؟“

5 تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.

6 انسان جسماني طرح پنھنجي ماءُ⁠پيءُ مان پيدا ٿيندو آھي، پر روحاني طرح پاڪ روح مان پيدا ٿيندو آھي.

7 تون انھيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوھان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي.