13 ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابنآدم.“
14 جيئن موسيٰ رڻپٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابنآدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو،
15 انھيءَ لاءِ تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي تنھن کي دائمي زندگي ملي.
16 ڇالاءِجو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.
17 خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.
18 جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِجو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.
19 سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِجو سندن ڪم بڇڙا ھئا.