2 حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رھيا ھئا.
3 جڏھن عيسيٰ کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پئي تڏھن يھوديہ کي ڇڏي، موٽي گليل ڏانھن ھليو ويو.
4 رستي تي ھن کي سامريہ مان لنگھڻو پيو.
5 پوءِ ھو سامريہ جي سوخار نالي ھڪڙي شھر ڏانھن ويو، جيڪو انھيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ ھو جا يعقوب پنھنجي پٽ يوسف کي ڏني ھئي.
6 انھيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوھہ ھو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو ھو، سو کوھہ جي ڀرسان ويھي رھيو. اھو اٽڪل ٻنپھرن جو وقت ھو.
9 تنھن تي انھيءَ سامري عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يھودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ ڇالاءِجو يھودي ماڻھو اھي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا ھئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا ھئا.
10 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“