30 پوءِ اھي شھر مان نڪري عيسيٰ وٽ آيا.
31 ساڳئي وقت سندس شاگردن عرض ڪيس تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“
32 پر ھن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اھو کاڌو آھي، جنھن جي اوھان کي ڪابہ خبر نہ آھي.“
33 تنھن تي سندس شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن لاءِ ڪنھن کاڌو آندو آھي؟“
34 عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.
35 اوھين چئو ڪين ٿا تہ لاباري ۾ چار مھينا پيا آھن؟ پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانھن نھاريو جو اھي لاباري لاءِ ھاڻي بلڪل تيار آھن.
36 جيڪو لابارو ڪري ٿو تنھن کي مزوري ملي ٿي ۽ دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪري ٿو، تہ جيئن جنھن ماڻھوءَ پوکيو آھي ۽ جنھن لڻيو آھي سي ٻئي گڏجي خوشي ڪن.