46 پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر قانا ۾ موٽي آيو، جتي ھن پاڻيءَ کي مئي بڻايو ھو. اتي ھڪ عملدار ھو جنھن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار ھو.
47 جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ يھوديہ کان گليل ۾ آيو آھي، تڏھن ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مھرباني ڪري ھلو ۽ منھنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇالاءِجو ھو مرڻ تي آھي.“
48 تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوھين تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“
49 عملدار وراڻيو تہ ”سائين! مون سان ھلو، متان منھنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“
50 عيسيٰ کيس چيو تہ ”وڃ تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن عيسيٰ چيس تيئن ھن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.
51 عملدار اڃا گھر ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ سندس نوڪر رستي تي گڏيس ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنھنجو پٽ خوش ٿي ويو آھي.“
52 تنھن تي ھن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اھا ڪھڙي مھل ھئي جڏھن منھنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو.“ انھن چيو تہ ”ڪالھہ منجھند جو ھڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“