يوحنا 4:5-13 SCLNT

5 پوءِ ھو سامريہ جي سوخار نالي ھڪڙي شھر ڏانھن ويو، جيڪو انھيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ ھو جا يعقوب پنھنجي پٽ يوسف کي ڏني ھئي.

6 انھيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوھہ ھو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو ھو، سو کوھہ جي ڀرسان ويھي رھيو. اھو اٽڪل ٻنپھرن جو وقت ھو.

9 تنھن تي انھيءَ سامري عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يھودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ ڇالاءِ⁠جو يھودي ماڻھو اھي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا ھئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا ھئا.

10 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“

11 عورت چيو تہ ”سائين! اوھان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونھي ۽ کوھہ بہ اونھو آھي. پوءِ اوھين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟

12 ڇا اوھين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آھيو، جنھن ھيءُ کوھہ اسان کي ڏنو ھو؟ ھن مان ھو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا ھئا.“

13 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو ھي پاڻي پيئي ٿو تنھن کي وري اڃ لڳي ٿي.