يوحنا 5:15-21 SCLNT

15 پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ وڃي يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اھو ماڻھو عيسيٰ آھي، جنھن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“

16 انھيءَ سبب ڪري اھي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو ھن سبت جي ڏينھن تي اھڙا ڪم ٿي ڪيا.

17 عيسيٰ کين جواب ڏنو تہ ”منھنجو پيءُ اڄ تائين ھميشہ ڪم ڪندو رھي ٿو ۽ آءٌ بہ پيو ڪم ڪريان.“

18 ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.

19 پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.

20 انھيءَ جو سبب ھي آھي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اھي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي ھو پاڻ ڪري ٿو. ھو انھن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو ۽ اوھين سڀيئي حيران ٿي ويندا.

21 جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنھن کي وڻيس تنھن کي زندگي ڏئي ٿو.