يوحنا 5:19-25 SCLNT

19 پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.

20 انھيءَ جو سبب ھي آھي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اھي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي ھو پاڻ ڪري ٿو. ھو انھن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو ۽ اوھين سڀيئي حيران ٿي ويندا.

21 جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنھن کي وڻيس تنھن کي زندگي ڏئي ٿو.

22 پيءُ پاڻ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪري، بلڪ ھن پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار ڏيئي ڇڏيو آھي

23 تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي.

24 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ مٿس سزا لاڳو نہ ٿيندي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آھي.

25 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي بلڪ اچي پھتي آھي، جڏھن مئل ماڻھو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.