1 ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل يعني تبرياس ڍنڍ جي ھُن ڀر ھليو ويو.
2 ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھليو، ڇالاءِجو ھنن اھي معجزا ڏٺا ھئا جيڪي ھن بيمارن تي ڪيا ھئا.
3 عيسيٰ ھڪڙي ٽڪريءَ تي چڙھي ويو، جتي ھو پنھنجي شاگردن سان گڏ ويھي رھيو.
4 يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي.
5 عيسيٰ نھاري ڏٺو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏانھس اچي رھيو آھي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين ھيترن ماڻھن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“