11 عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو.
12 جڏھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“
13 سو انھن اھي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن مانين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا ھئا سي ايترا تہ ٿيا جو ھنن ٻارھن کاريون ڀري کنيون.
14 عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچپچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“
15 پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”ھنن جو مطلب آھي تہ زوريءَ جھلي مون کي بادشاھہ بڻائين،“ تنھنڪري ھو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانھن نڪري ھليو ويو.
16 جڏھن سانجھي ٿي تہ شاگرد ڍنڍ ڏانھن ويا.
17 رات ٿي ويئي ھئي پر عيسيٰ انھن وٽ نہ آيو ھو، سو ھو ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ جي ھُن ڀر ڪفرناحوم ڏانھن روانا ٿيا.