15 پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”ھنن جو مطلب آھي تہ زوريءَ جھلي مون کي بادشاھہ بڻائين،“ تنھنڪري ھو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانھن نڪري ھليو ويو.
16 جڏھن سانجھي ٿي تہ شاگرد ڍنڍ ڏانھن ويا.
17 رات ٿي ويئي ھئي پر عيسيٰ انھن وٽ نہ آيو ھو، سو ھو ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ جي ھُن ڀر ڪفرناحوم ڏانھن روانا ٿيا.
18 ايتري ۾ طوفان اچي ڇٽڪيو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون.
19 جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.
20 پر عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ آھيان، ڊڄو نہ.“
21 تڏھن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيائون ۽ ٻيڙي ھڪدم انھيءَ ھنڌ وڃي پھتي جتي کين وڃڻو ھو.