19 جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.
20 پر عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ آھيان، ڊڄو نہ.“
21 تڏھن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيائون ۽ ٻيڙي ھڪدم انھيءَ ھنڌ وڃي پھتي جتي کين وڃڻو ھو.
22 ٻئي ڏينھن تي ماڻھن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو ھو، تنھن ڏٺو تہ ڪالھہ اتي رڳو ھڪڙي ٻيڙي بيٺي ھئي ۽ کين اھا بہ خبر ھئي تہ عيسيٰ انھيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو ھو پر اھي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا ھئا.
23 جڏھن تہ تبرياس شھر کان ڪي ٻيڙيون پوءِ ڪناري تي اچي لڳيون ھيون، جتي خداوند عيسيٰ خدا جو شڪر ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ ماڻھن ماني کاڌي ھئي.
24 سو جڏھن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ عيسيٰ آھي ۽ نڪي سندس شاگرد آھن، تڏھن اھي پاڻ ٻيڙين ۾ چڙھي ڪفرناحوم ڏانھن ھن کي ڳولڻ ويا.
25 ماڻھن جڏھن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھين ھتي ڪڏھن آيا؟“