21 تڏھن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيائون ۽ ٻيڙي ھڪدم انھيءَ ھنڌ وڃي پھتي جتي کين وڃڻو ھو.
22 ٻئي ڏينھن تي ماڻھن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو ھو، تنھن ڏٺو تہ ڪالھہ اتي رڳو ھڪڙي ٻيڙي بيٺي ھئي ۽ کين اھا بہ خبر ھئي تہ عيسيٰ انھيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو ھو پر اھي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا ھئا.
23 جڏھن تہ تبرياس شھر کان ڪي ٻيڙيون پوءِ ڪناري تي اچي لڳيون ھيون، جتي خداوند عيسيٰ خدا جو شڪر ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ ماڻھن ماني کاڌي ھئي.
24 سو جڏھن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ عيسيٰ آھي ۽ نڪي سندس شاگرد آھن، تڏھن اھي پاڻ ٻيڙين ۾ چڙھي ڪفرناحوم ڏانھن ھن کي ڳولڻ ويا.
25 ماڻھن جڏھن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھين ھتي ڪڏھن آيا؟“
26 عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين مون کي انھيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوھان معجزا ڏٺا آھن، پر انھيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوھان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آھي.
27 فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انھيءَ دائمي کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جيڪو ھميشہ واري زندگيءَ تائين ٿو ھلي. اھو کاڌو ابنآدم اوھان کي ڏيندو، ڇاڪاڻتہ پيءُ يعني خدا ھن کي اختياريءَ جي مُھر ڏني آھي.“