يوحنا 6:25-31 SCLNT

25 ماڻھن جڏھن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھين ھتي ڪڏھن آيا؟“

26 عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين مون کي انھيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوھان معجزا ڏٺا آھن، پر انھيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوھان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آھي.

27 فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انھيءَ دائمي کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جيڪو ھميشہ واري زندگيءَ تائين ٿو ھلي. اھو کاڌو ابن⁠آدم اوھان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ يعني خدا ھن کي اختياريءَ جي مُھر ڏني آھي.“

28 پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي خدا جا ڪم بجا آڻڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

29 عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جو ڪم اھو آھي تہ اوھين انھيءَ تي ايمان آڻيو، جنھن کي خدا موڪليو آھي.“

30 تنھن تي انھن پڇيس تہ ”پوءِ اوھين اسان کي ڪھڙو معجزو ٿا ڏيکاريو، جنھن کي ڏسي اسين اوھان تي ايمان آڻيون؟ اوھين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟

31 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ⁠پٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي. جيئن لکيل آھي تہ ’ھن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.‘“