يوحنا 6:38-44 SCLNT

38 ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.

39 جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي اھا آھي تہ جيڪي ⁠بہ ھن مون کي ڏنا آھن تن مان ھڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ آخرت جي ڏينھن تي انھن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريان.

40 ڇالاءِ⁠جو منھنجي پيءُ جي اھا مرضي آھي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنھن کي دائمي زندگي ملي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.“

41 تنھن تي يھودي مٿس ڪرڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن چيو ھو تہ ”آءٌ اھا ماني آھيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي.“

42 سو انھن چيو تہ ”ڇا ھي اھو عيسيٰ نہ آھي جيڪو يوسف جو پٽ آھي؟ اسين تہ سندس ماءُ⁠پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ ھي ھاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آھيان؟‘“

43 عيسيٰ وراڻين تہ ”ڪرڪڻ بند ڪريو.

44 ڪوبہ ماڻھو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي سو کيس نہ ڇڪي. آءٌ آخرت جي ڏينھن تي کيس جيئرو ڪري اٿاريندس.